ساوڻي ڪلياڻ

ساوڻي ڪلياڻ (راڳ): ساوڻي/ سانوڻي ڪلياڻ، ڪلياڻ ٺاٺ جو کاڊو راڳ يعني ڇهن سرن جو راڳ آهي. آروهي ۽ امروهي ٻنهي ۾ مڌم (ما) جو سر ورج آهي. سانوڻي ڪلياڻ ۾ وادي سر کرج (سا) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. هي راڳ مسلمان گائڪن جو جوڙيل چيو وڃي ٿو. هي راڳ مندر اسٿان تي صاف طور پنهنجي شڪل ظاهر ڪري بيهندو آهي. هن راڳ کي بلمپت لئي ۾ ڳائبو آهي. هن راڳ تي به شاهه لطيف جي سُرن جو اثر ملي ٿو. هن راڳ جي آروهي: سا-ني-ڌي-ني-ڌي-پا-سا-ري-سا-گي-پا-ڌي-سا ۽ امروهي: سا-ني-ڌي-ني-ڌي-پا-گي-ري-سا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو